ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون وڌيڪ 500 رپيا مهانگو : ڊالر224.5 تي بيٺل، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 500 رپيا واڌ سان 147400 مان 147900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا اضافي سان 1560 مان 1580 رپين تي پهتي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 226 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 5 پئسا واڌ سان  218.43 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف  پائونڊ  3 رپيا واڌ سان 253 مان 256 ۽ يورو 2 رپيااضافي سان 219 مان 221 رپيا ٿي ويا