ڏيئي (ن پ ا) کڏهرو شهر جي دڪاندارن ڪڻڪ جو اٽو مهانگو ڪري  ڇڏيو آهي، بيلڪ تي اٽو وڪرو ٿيڻ سان علائقي جو پورهيت طبقو هڪ ويلو ماني گڀي لاءِ پريشان آهي. ڳوٺاڻن اسلم جمالي، اختر روستماڻي، امتياز فوجي مھراڻ درس ۽ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هتي جي دڪاندارن اٽو بليڪ وڪرو ڪري غريب ماڻهون جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي، دڪاندار مالڪن کي چئون ٿا چون ٿا وٺو ته وٺو نه ته دڪان تان هليا وڃو. اسان وٽ ريٽ هڪ آهي. توهان ٻئي ڪٿان وٺو. هنن ڊي سي بدين ايسي ٽنڊوباگو ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪڻڪ جو اٽو سنڌ حڪومت جي اعلان موجب وڪرو ڪرائي علائقي جي غريب طبقي جي ماڻهن جي ٻچن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.