طالبان صرف ويڙهاڪ نه، اعليٰ تعليم يافته استاد به آهن

0
505
طالبان صرف ويڙهاڪ نه

ڪابل: افغانستان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ وارا طالبان جي حوالي سان هڪ هي به تاثر آهي ته هي ويڙهاڪ هٿياربند تعليم کان صفا پري آهن، پر حال ئي ۾ طالبان ويڙهاڪ جي هڪ اهڙي وڊيو سامهون آئي آهي جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڪابل جي هڪ يو ٽيوب چينل جي وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز جي زينت بڻيل آهي جنهن ۾ پروگرام جو ميزبان چوراهن ۽ مختلف چوڪين تي بيٺل طالبان کان انٽرويو ڪري رهيو آهي.

وڊيو ۾ سعيد مسعود ڪوهستاني نالي شخص کي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو جيڪو پنهنجي بابت دلچسپ ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي.

وڊيو ۾ افغانستان جي شهر ڪپيسا سان واسطو رکندڙ طالبان ويڙهاڪ سعيد مسعود ڪوهستاني کي ڏيکاريو ويو جنهن ڪابل يونيورسٽي مان قانون ۽ سياست جي تعليم حاصل ڪئي آهي.

سعيد مسعود ٻڌائي ٿو، مان ڪابل جي يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، ان کان علاوه مختلف مضمونن ۾ به تعليم حاصل ڪري چڪو آهيان جنهن ۾ انگريزي ۽ بين الاقوامي تعلقات شامل آهن. هن چيو آهي ته مان شاگردن کي انگريزي جو مضمون پڙهائيندو هئس ۽ هاڻي به اهو ئي ارادو آهي ته مستقبل ۾ به بطور استاد تعليم ڏيندس ۽ انگريزي سان گڏ ٻيا مضمون به پڙهائيندس.

سعيد مسعود کي انگريزي کان علاوه پشتو ۽ عربي زبان تي به عبور حاصل آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ هن افغان شهرين کي پيغام ڏنو ۽ هن ڳالهه تي زور ڀريو ته هتان کان ويندڙ ماڻهو افغانستان واپس اچن، ڇو ته ملڪ ۾ امن قائم ٿي چڪو آهي.وڊيو تي سوشل ميديا صارفين طرفان مختلف تاثرسامهون اچي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهن وڊيو جي ساراهه ڪئي ته ڪجهه وري خواش جو اظهار ڪيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ۽ گهڻو عرصو رهي.