ڪامونڪي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ ڪنٽينر تان ڪِري فوت ٿيل رپورٽر صدف نعيم جي مڙس جو جيءُ جهوريندڙ بيان سامهون آيو آهي، رپورٽر جي مڙس نعيم ٻڌايو ته اسان جي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ آهي، ڌيءَ ميڊيا تي صدف کي ڏسي چيو ته امڙ جهڙي ٿي لڳي. سندس موجب ٻارن چيو ته امڙ اڄ ڊيوٽي تي نه وڃو پر صدف چيو اڄ وڃڻ ضروري آهي، ڊيوٽي ڊيوٽي هوندي آهي. فيملي ذريعن موجب صدف جي 21 ورهين جي ڌيءَ ۽ 15 ورهين جو پٽ آهي، جڏهن ته سندس ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ آهي.