سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ حڪومت پرڳڻي جي 9 يونيورسٽيز ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ اشتھار ڏئي ڇڏيو، انھن يونيورسٽيز ۾ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، بينظير ڀٽو شھيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور، شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ ھيريٽيج ڄامشورو، اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيچر، ڊزائين اينڊ ھيريٽيج سکر، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سکر، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنس ڄامشورو ۽ شھيد  بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو شامل آھن. ياد رھي ته انھن يونيورسٽين ۾ گذريل 2 کان پنجن سالن تائين مستقل وائيس چانسلر جون مقرريون نه ڪيون وين هيون، مادرعلمين جا مامرا  عارضي بنيادن تي يا چارج ڏئي هلايا پي ويا. ھن ڀيري وائيس چانسلرن  جي مقرري لاءِ ڏنل اشتھار  ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ معيار ۽ ماپا تبديل ڪيا ويا آھن، وي سي شپ لاءِ قابليت ھيڪ پاليسي مطابق پروفيسر يا پروفيسر ٿيڻ جو اھل ھجڻ واري ڏني وئي آھي، جڏھن ته سڌي طرح تعليمي قابليت جو شرط اشتھار ۾ شامل ناھي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري پي ايچ ڊي لازمي ھجڻ وارو سڌو ذڪر ڏنو ويو آھي. اِنهي جي جاءِ تي پروفيسر يا پروفيسر برابر اھليت ڄاڻائي وئي آھي. تجربي طور 20 ورھين جو تجربو جنھن ۾ 10 سال انتظامي يا  مالياتي تجربو ھئڻ ضروري ڄاڻايو ويو آھي. جڏھن ته  وائيس چانسلر  ٿيڻ  لاءِ پرنسپال ھئڻ وارو تجربو به تسليم جوڳو قرار ڏنو ويو آھي.  اشتهار ۾ وي سي ٿيڻ لاءِ ڪنهن بين القوامي يا خانگي اداري ۾ 17 ھين گريڊ يا ان جي برابر وارو تجربو به قبوليت جوڳو ڄاڻايو ويو آھي. نوڪري جي مھارت ۾ تجزئي ۽  تنقيد جي مھارت رکندڙ، پرزنٽيشن ڏيندڙ کي به تسليم ڪيو ويندو. شماريات جي ڄاڻ کي به  صلاحيت ۾ شامل ڪيو ويندو. اشتھار ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته  رڳو شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گھرايو ويندو، حڪومت کي اهو اختيار ھوندو ته اھا ڀرتي جي سموري عمل کي رد به ڪري سگھي ٿي. اشتھار ۾ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ  ڄاڻائڻ بجاءِ  اشتھار چپجڻ جي 15 ڏينھن اندر درخواستون اماڻڻ لاءِ چيو ويو آهي. ٻئي طرف وي سي شپ لاءِ تعليمي قابليت جي حوالي سان آزاد ذريعن جو چوڻ آھي ته اشتهار  ۾ پي ايچ ڊي جو سڌو ذڪر ته ناھي ڏنو ويو پر هيڪ قانون موجب ڪنهن به پروفيسر ٿيڻ لاءِ پي ايچ ڊي هجڻ لازمي آهي پر ھن ڀيري پروفيسر جي برابر اھليت  رکندڙ اميدوار به مقابلي جي ميدان ۾ لهي سگهندا