واشنگٽن(م ڊ) وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرين زان پيئر آمريڪي صدر جو بائيڊن جي پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. وائيٽ هائوس ترجمان پاڪستان بابت سوال جي جواب تي چيو ته آمريڪي صدر ڪا نئين ڳالهه ناهي ڪئي. سندس چوڻ هوته آمريڪي صدر محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان چاهي ٿو، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آمريڪي مفاد لاءِ اهم آهي.