پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ايٽمي ملڪ آهي، ان جا ايٽمي هٿيار غيرمنظم آهن: آمريڪي صدر جو بائيڊن جو الزام

0
312
پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ

واشٽنگن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان کي دنيا جو سڀ کان خطرناڪ ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا غيرمنظم آهن. ڊيموڪريٽڪ ڪانگريشنل ڪمپين ڪاميٽي جي آجياڻي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته چيني صدر کي خبر آهي ته کين ڇا گهرجي پر انهن سان ڪيترئي مسئلا آهن

روس ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جي خطرناڪ ايٽمي ملڪن منجهان هڪ پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا کي ڪهڙي نموني انهن سڀني کي ڏسڻو ۽ هينڊل ڪرڻو آهي اهو اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ آمريڪا لاءِ موقعو پڻ آهي ته صورتحال کي تبديل ڪري سگهي

جو بائيڊن اهو خطاب وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيو، جنهن ۾ بائيڊن بابت لکيو ويو ته منهنجي ويجهو شايد دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ پاڪستان آهي، جنهن جي ايٽمي هٿيارن ۾ ڪابه هم آهنگي ۽ ڪوآرڊينيشن نه آهي. هن چيو ته اهو سچ آهي ۽ مان ان تي يقين رکان ٿو

هي مذاق ناهي، دنيا اسان ڏانهن واجهائي رهي آهي، اسان جا دشمن به اسان کي ڏسي رهيا آهن ۽ اندازو لڳائي رهيا آهن ته اسان ڇا ڪريون ٿا، اسان ڪيئن مسئلا حل ڪريون ٿا. بائيڊن وڌيڪ چيو ته هن وقت گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳل آهي، هن زور ڏنو ته آمريڪا دنيا کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪا اڳ نه هئي. هن چيو ته مون روس جي معاملي تي نيٽو جي سربراهن سان 200 منٽن تائين ڳالهايو هو جيڪو مذاق ناهي، ٻئي طرف روسي صدر پيوٽن نيٽو کي ورهائڻ جي ڪوشس ڪئي، نيٽو جي اوڀر ۾ ڇا پيو ٿئي

پولينڊ ڇا پيو ڪري، هنگري ۾ ڇا پيو ٿئي، اسپين ۽ اٽلي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳل آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان ۾ دنيا جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هي ٻي عالمي جنگ کان مختلف دنيا آهي، توهان سوچيو هو ته ڪيوبا جي ميزائل بحران بعد روس جو سربراهه ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندو. هن چيو ته توهان سوچيو هو ته چين روس، ڀارت ۽ پاڪستان سان واڳيل ڪردار ادا ڪري رهيو هوندو؟ آمريڪا 21 هين صدي جي ٻئي اڌ ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ڪري سگهي ٿو.

 آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت بيان تي پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير پرڏيهي وزارت طلب، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ذميوار ايٽمي رياست آهي، ڪنهن کي به اسان جي ايٽمي اثاثن جي حوالي سان خدشا نه هجڻ گهرجن

تفصيل موجب ڪالهه آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت بيان ڏيڻ تي پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري کيس باضابطه طور تي ڊيمارش حوالي ڪيو ويو، بيان مطابق آمريڪي سفير کان صدر جوبائيڊن جي بيان جي وضاحت به طلب ڪئي وئي آهي ۽ ان جي بيان تي شديد احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويو آهي ۽ آمريڪا تي واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا مڪمل طور تي محفوظ آهن، آمريڪا ڀارت جي غير محفوظ ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام تي اکيون بند ڪري رکيون آهن، آمريڪي صدر جو بيان انتهائي غير ذميواراڻو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان آمريڪي صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي حوالي سان خدشا نه هجڻ گهرجن، آمريڪي صدر جو بيان حقيقتن جي برعڪس ۽ گمراهه ڪن آهي

ڪيترائي ڏهاڪا ثبوت آهن ته پاڪستان انتهائي ذميوار ايٽمي رياست آهي، ايٽمي پروگرام موثر ۽ فول پروف ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي انتظام آهن، ايٽمي هٿيارن جي صلاحيت جي حوالي سان پاڪستان هميشه ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عدم ڦهلاءَ، سلامتي ۽ تحفظ جي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سميت عالمي امن کي اصل خطرو عالمي فطرت مروج قدرن کي پائمال ڪندڙ رياستون، انتهاپسندي، غيرقانوني قبضن خلاف جدوجهد ڪرڻ وارن جي انساني حقن جون خلاف ورزين کان آهي، دنيا جي امن کي اصل خطرو ايٽمي ملڪن وچ ۾ اسلحي ڊوڙ ۽ انهن ملڪن مان آهي جتي جوهري سلامتي بابت بار بار حادثا ٿيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دوستي ۽ باهمي مفادن تي ٻڌل تعاون جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي

دنيا جڏهن اهڙن وڏن مسئلن ۽ مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعلقاتن جي حقيقي صلاحيت کي سڃاڻڻ لاءِ خالص ۽ پائيدار ڪوششون نهايت ضروري آهن، ان مقصد لاءِ غير ضروري بيانن کان پاسو ڪيو وڃي، علائقائي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا سان تعاون جي پرخلوص خواهش رکون ٿا، واضح طور تي ورجايون ٿا ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري رياست آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان جا ايٽمي اثاثا عالمي معيارن مطابق محفوظ آهن، ڪنهن کي به اسان جي اثاثن بابت خدشا نه هجڻ گهرجن

 پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ هٿن ۾ آهن، اسان پنهنجي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، آمريڪي صدر بائڊن جي بيان تي آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري وضاحت ورتي ويندي، سندس بيان غلط فهمي جي بنيادن تي سمجهون ٿا، اسان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سيڪريٽري سطح تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقاتن تي ڳالهيون ڪري غلط فهمي جو خاتمو ڪري سگھون ٿا

ڪالهه بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ۾ڳالهائيندي چيو ته  ايٽمي اثاثن جي حفاظت لاءِ ته ڀارت کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي،جنهن تازو حادثاتي طور تي پاڪستاني سرزمين تي ميزائل فائرڪيو ويو هو، ان مان واضع آهي ته اهو نه صرف غير ذميوار پر انتهائي غير محفوظ به آهي،  آمريڪي صدر غلط فهمي جي بياد تي بيان ڏنو هوندو، ان بيان سان آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن تي اثر نه پوندو، ٻئي ملڪ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندا رهندا

اسين آمريڪي سفير کي طلب ڪنداسين جواب ورتو ويندو پر اها ڳالھ غير رسمي هئي جيڪا پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي حوالي سان هن ڪئي هئي هو ڪو انٽرويو يا قوم يا پارليامنٽ کي خطاب نه ڪري رهيو هو، باقي يوڪرين بابت بطور وزير خارجه آئون پنهنجي موقف تي قائم آهيان يوڪرين جنگ بابت قرارداد تي ووٽنگ ۾ ان ڪري حصو نه ورتو جو ان جي ٻولي ۽ متن تي اعتراض هئا، جمون ڪشمير بابت ريفرندم ۽ قرارداد تي عالمي قانون موجب عمل ٿيڻ گهرجي، اتي ڀارت جو ظلم زيادتي برقرار آهي جيڪا يو اين اي جي ريزوليوشن جي برخلاف آهي اسان ان بابت گڏيل قومن ۾ پنهنجي موقف مطابق هلنداسين پاڪستان جو عوام جمهوري جدوجهد تحت هلي ٿو .  هن چيو ته آمريڪا جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي حوالي سان ڪو خدشو ظاهر نه ڪيو هو

ھي به پڙھندا

آمريڪا پنهنجي بيان تان ڦري ويو، پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تي اعتماد جو اظهار