حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صحت کاتي گريڊ 19هين جي عملدار عبدالستار جتوئي کي ٻيهر سول اسپتال جو ڊائريڪٽر  ايڊمن اينڊ اڪائونٽس مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عبدالستار جتوئي کي ڪجھ ڏينهن اڳ عهدي تان هٽائي کيس صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. گذريل ڏينهن چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سندس ٻيهر مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.