ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز علي شاهه  استعيفا ڏئي ڇڏي،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار  کي موڪليل استعيفا ۾ امتياز شاهه پنهنجي استعيفا جو سبب سيشن ججن  جي رويي کي قرار ڏنو آهي، امتياز شاهه ڄاڻايو آهي ته سيشن ججن جي اڪثريت قانون کان هٽي ڪري پنهنجي پاليسي لاڳو ڪرائڻ چاهي ٿي، هن وڌيڪ   ڄاڻايو  ته سيشن جج من پسند ججن، ڪامورن  ۽ ايس ايڇ اوز جي شڪايت تي به مئجسٽريٽس جي توهين ڪندا آهن، سيشن ججن جي رويي سبب اڪثر جوڊيشل آفيسر بلڊ پريشر، شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا  ٿي ويا آهن، هن چيو ته  جيڪڏهن سيشن جج جي پاليسي خلاف ڪنهن غير اهم ڪيس ۾ فيصلو اچي وڃي ته انهي جج جي خير ناهي هوندي، عدالتن جو انفراسٽرڪچر  پڻ زبون حالي جو شڪار آهي. امتياز شاهه وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سيشن ججن جي اختيارن جي ناجائز استعمال تي نظر نه رکي وئي ته وڌيڪ جج مستعفي ٿيندا،