لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ڪُل اختيار پاڻ وٽ رکندڙ ماڻهو  هڪ ايجنڊا يعني معيشت جي حل لاءِ سوچن، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُن جا سياسي ڪارڻ آهن، پاڪستان پهريون ڀيرو ايترن بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ق ليگ سربراهه  چيو  ته موجوده حالتن ۾ ورڪنگ رليشن شپ ضروري آهي، هن وقت ملڪي حالتون سڌارڻ  جي سڀ کان وڌي ذميواري سياستدانن تي آهي، هن چيو ته سياستدان اهڙو طبقو آهي، جيڪو عوام کي صحيح دڳ تي آڻي سگهي ٿو، عوام کي آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جا سبق نه پڙهايا وڃن، غريب عوام پريشان آهي، سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهي حل ڪڍن.