اسلام آباد/لاهور (م ڊ) پرويز الاهي جي وزيراعليٰ  بڻجڻ بعد ق ليگ جي ڪارڪنن شديد رد عمل ڏيکارييندي چوڌري شجاعت جي گهر ٻاهران ڪارڪنن  مظاهرو ڪيو ۽ سندس تصويرون لاهي ڇڏيون. ق ليگ ڪارڪنن جو وڏو انگ چوڌري شجاعت جي گهر ٻاهران احتجاجي مطاهرو ڪيو ۽ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ق ليگ جي آفيسن تان شجاعت جون تصويرون لاٿيون.