صالح پٽ ( ن پ ا ) ڳوٺ قاسم آباد آرڊي 71 جي رهواسڻ پروين خاتون زال عبدالحميد ميراڻي ناراڪئنال جي ڪپر تي ٿانو ڌوئي رهي هئي ته پير ترڪڻ سبب ڪري پئي، وارثن ڳولا بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو, وارث پروين خاتون کي صالح پٽ اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ فوت ٿي وئي، ناري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف شهزادو ميربحر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پروين خاتون کي مرگهي جي بيماري به هئي ۽ کيس هڪ پٽ جي اولاد آهي