خيرپور (رپورٽر)ڳوٺ مانجهي ڪٽوهر واسي باغ علي ڪٽوهر ۽ ممتاز ڪٽوهر صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ھڪ مھينو اڳ نينگر ڪاشف ميرواهه ڪئنال ۾ ٻڏي فوت نه ٿيو هو، پنھل، نور الدين، بادل، شاھ بخش ۽ ٻين منصوبابندي ڪري قتل ڪيو هو. شاھه لطيف ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه پئي ڪري، نينگر جو قتل ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.