شھدادڪوٽ (رپورٽر)5 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تان مبينا طور ڪار سوار ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل 20 سالن جو سعيد احمد چنو ڊرامائي انداز ۾ قبوسعيد خان باءِ پاس روڊ تان وارثن کي ملي ويو آهي، ان حوالي سان آزاد ٿيل نوجوان سعيد احمد چنو ٻڌايو ته 5 ڏينهن اڳ مان پنهنجي دڪان تان ھيرآباد محلي ڏانهن پنهنجي گهر وڃي رھيو ھيس ته ڪار سوار ھٿياربند مون کي اغوا ڪري ويا، هن چيو ته جوابدارن پوليس جي دٻاءُ ۾ اچي مون کي آزاد ڪيو آهي، ٻئي طرف ايس ايچ او بي سيڪشن ذوالفقار علي چنو ٻڌايو ته نوجوان سعيد احمد چني کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو ھو، نوجوان جي وارثن اغوا جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو.