ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بينڪن کي رقم پهچائيندڙ سڪيورٽي ڪمپني جي وين جو ڊرائيور 20 ڪروڙ رپيا کڻي فرار ٿي ويو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪندي ايف آءِ ار ۾ صرف امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو قلم لڳايو، پوليس موجب 2 ڏينهن اڳ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي گاڏي طارق روڊ تي واقع هڪ بينڪ مان رقم کڻي آءِ آءِ چندريگر روڊ پهتي، وين ۾ سوار سڪيورٽي گارڊ ڪجهه رقم جي ڊليوري ڪرڻ لاءِ هڪ نجي بينڪ ۾ ويا، پويان ڊرائيور وين سميت فرار ٿي ويو، پوليس موجب وين ۾ 20 ڪروڙ رپيا موجود هئا، ڊرائيور وين هڪ گهٽي ۾ ڇڏي رقم کڻي فرار ٿي ويو، پوليس موجب واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو قلم لڳايو ويو آهي، پوليس موجب ڊرائيور جو تعلق ڪي پي سان آهي، جيڪو 6 مهينا اڳ ڪمپني ۾ ملازم ٿيو هو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪي پي سرڪار سان رابطو ڪيو آهي