پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي دادلوءِ واسي رٽائرڊ پوليس اھلڪار تاج محمد بلو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڀاءُ وياجين کان چار موٽرسائيڪلون ورتيون ھيون، 25 لک ڏئي چڪا آھيون پر اڃان تائين اٺ لک رپيا گھرن پيا. ھن الزام ھڻي چيو ته وياجي تميز ڪورائي ، غلام فريد ڪورائي وارا بااثر آھن روز گھر ۾ اچي گھڙن ٿا چون ٿا ڌيئرون وڪڻي به پئسا ڏي مان غريب آھيان نياڻيون وڪرو ڪرڻ جا چئي رھيا آھن ھن چيو ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون مامري جو نوٽيس وٺي وياج خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڻ ساڙيندس ،جڏھن ته الزام ھيٺ واپاري تميز ڪورائي موقف اختيار ڪيو آھي ته تاج محمد بلو ڏي پئسا ناھن اجائي واويلا پيو ڪري.