خانپور مهر (ن پ ا) پوليس هٿان گرفتار منور مھر جي ڀاءُ انورمھر ٻڌايو ته پوليس ڇھن ڏينھن کان ڀاءُ کي گم ڪري ڇڏيو آھي، ڀاءُ ڊرائيوري ڪندو آھي، غلط ڪمن ۾ ملوث ناھي، پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھي. ٻئي ڊرائيور شيرل عرف بجلي گڏاڻي جي ڀائيٽي مسو گڏاڻي ٻڌايو ته شيرل گڏاڻي جي ڇھن ڏينھن کان گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي. ھوڏانھن سرحد ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي ۾ ھاف فراءِ ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور احسان گبول جي ڀاءُ عثمان گبول ٻڌايو ته گھوٽڪي پوليس ڀاءُ کي گھران گرفتار ڪري پنجن ڏينھن بعد کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ھاف فراءِڪري ان مٿان ٽي ٽي پسٽل ۽ ڪورولا ڪار برآمد ڄاڻائي جيڪو پوليس جو ڪوڙو ڊرامو رچايل آھي.ھن انصاف جو مطالبو ڪيو، واضح رھي گذريل ڏينھن ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور ذاڪر شاھ کي آزاد ڪيو ويوھو.