دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپورصفن پوليس پاران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدار کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. ان سلسلي ۾ دولتپورصفن ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته گشت دوران سنگراهه موري ڀرسان ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٽي جوابدار پوليس کي ڏسي مٿان فائرنگ ڪري ڏني ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو. هڪ جوابدار عرس خشڪ کي زخمي حالت ۾ گولين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب جوابدار عرس خشڪ جو ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل جوابدار تعلقي سڪرنڊ جو رهواسي آهي.