شڪارپور/خانپور (نمائندن وٽان) شڪارپور پوليس ضلعي مان اغوا ٿي ويل 7 مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام، وارث پريشان. خبر موجب ڳوٺ فريد آباد واسي پورهيت ونهارو پهوڙ، غلام ڳوٺ وٽان حافظ قرآن محمد طاهر ميوو، ڪنوارا شھيد ڀرسان حاجي جبار بلوچ جي زمين تان 4 ڄڻن عمران گولو، واجد سيٺار، عابد گولو، اساما سيٺار، ڳوٺ جاڳڻ ڀرسان غلام شبير بروھي کي اڃا تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، مغوين جا وارث رات ڏينهن پنهنجي پيارن جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا آهن، هوڏانهن خانپور پوليس هن مهل تائين خانپور جي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنهن به قسم جون ڪي سنجيدهه ڪوششون وٺي نه سگهي آهي، خانپور جي مغوين جي بازيابي لاءِ اڄ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شھرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.