ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڪچي جي دراني مهر جي علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن هٿان چوپايو مال جو پيرو کڻڻ دوران گوليون ڻي قتل ڪيل چاچڙ برادري جي 9 ڄڻن جي جنازي نماز ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي سرڪاري عملدار شريڪ نه ٿيو، هڪ ئي گهر مان قتل ٿيل حامد، الله ورايو، خالق، راحب، شعبان، حضورو، شھمراد، منظور ۽ انور جا لاش کڄڻ تي علائقي ۾ قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي ۽ هر طرف روڄ راڙو مچي ويو، بعد ۾ مقتولن جا مڙهه هٿيارن جي ڇانو ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن واقعي سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي، جڏهن ته پوليس علائقي ۾ امڪاني رتو ڇاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ۽ نه ئي پڪٽون قائم ڪيون آهن. ان ڏس ۾ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس پڻ داخل ناهي ٿي سگهيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.