شيخ رشيد جي گرفتاري تي راڻا ثناءُ الله جو ڌمڪي آميز رد عمل

0
279

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله شيخ رشيد جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته باس ۽ چپڙاسي ٻنهي قانون کي منهن ڏيڻ تي هوا نڪري رهي آهي

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته شيخ رشيد خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، 15 ڪلو هيروئن شامل ناهي ڪئي وئي، حڪومت جو ان سان ڪو به تعلق ناهي

 

هن چيو ته سياسي مسخرو سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت طرفان رڳو قانون جي پاسداري ڪئي وئي، ميڊيا جي سامهون جنهن پوليس اهلڪارن کي ڌڪ هنيو اهو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي

راڻا ثناءُ الله لکيو ته “ اوهان کي قانون جي گرفت ۾ آڻيندس جو نعرو هڻندڙ هاڻ قانون کان ڇو ٿو گهٻرائي؟پوليس جو اهو قانوني فرض آهي ته هو قانون جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪري

هي به پڙهندا

پاڪستان ۾ مهانگائي اسان ناهي ڪئي: مريم نواز

اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪري ورتو