اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪري ورتو

0
207
اسلام آباد پوليس شيخ رشيد

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ بعد آبپاره ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد نشي ۾ ڌُت هو، هن وٽان شراب جي بوتل، ايم فور رائيفل، ڪلاشن ڪوف ۽ آٽوميٽڪ گن به هٿ ڪئي وئي

 پوليس موجب شيخ رشيد کي پ پ اڳواڻ راجا عنايت الرحمان جي فرياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب شيخ رشيد آصف زرداري تي دهشتگرد تنظيم کي پئسا ڏيڻ جا الزام هڻي سندس خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي

شیخ رشید کےخلاف آبپارہ تھانے میں مقدمہ درج ہے: ذرائع۔ فوٹو سوشل میڈیا

شيخ رشيد جي آبپاره ٿاڻي تي سگار پيئڻ واري تصوير به سامهون اچي وئي، شيخ رشيد تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ قلم 120، قلم 153 ۽ قلم 505 شامل ڪيا ويا، قانوني ذريعن موجب ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري قلم 505 قلم تحت شيخ رشيد کي 7 سال قيد جي سزا ملي سگهي ٿي

شيخ رشيد طرفان گرفتاريءَ وقت اسلام آباد پوليس جي ايس ايڇ او کي گاريون ڏنيون ويون، اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي جي حدن مان گرفتار ڪري اسلام آباد پوليس بدمعاشي ڪئي آهي، انتقامي ڪارروائين جي پٺيان راڻا ثناءُ الله جو هٿ آهي

هن چيو ته عمران خان سان پهاڙ جيان گڏ بيٺل آهيان، فيبروري يا مارچ ۽ اپريل ۾ عوام حڪمرانن جي لتريشن شروع ڪندو، حڪمرانن کي پرڏيهه ڀڄڻ جو موقعو به نه ملندو

هي به پڙهندا

فواد چوڌري جي ٻيهر الزام نه هڻڻ جي شرط تي ضمانت منظور