شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جي بلڊنگ تعمير جو باضابطا ڪم شروع ڪيو ويو آھي. وي سي ڊاڪٽر رضا ڀٽي ۽ ڊي سي شڪارپور ابرار جعفر بلڊنگ جي تعميراتي ڪم شروع ڪرائڻ  جو سنگ بنياد رکيو.  ان موقعي تي وي سي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اڄ شڪارپور واسين لاءِ عيد جو ڏينهن آھي، شيخ اياز يونيورسٽي جو باضابطا سنگ بنياد رکجي ويو.هن چيو ته يونيورسٽي جي قيام لاءِ زمين جي خريداري، فنڊن جي وصولي، امن امان سميت تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ تڪليفن باوجود آخرڪار اسان ڪامياب ٿي وياسين.

هن چيو ته هن وقت هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران 14 سو ملين واري فنڊ مان  بلڊنگ جي تعمير شروع ڪرائي رهيا آھيون، جنهن ۾ شروعاتي طور بائونڊري وال, ايڊمن بلاڪ, گيسٽ ھائوس, وي سي هائوس, مک گيٽ, مسجد ۽ لنگويج ليبارٽري جو قيام هوندو، هن چيو ته شيخ اياز يونيورسٽي کي 15 مهينن اندر مڪمل ڪرائي شفٽ ڪرائيندس، هن يونيورسٽي ۾ نيون ٽيڪنالاجيز پڻ متعارف ڪرايون وينديون, شيخ اياز يونيورسٽي ۾ پهريون وٽرنري ۽ ايگريڪلچر جا شعبا قائم ڪري شاگردن کي تعليم ڏني ويندي جڏھن ته هتي نرسنگ, ميڊيڪل جو به شعبو قائم ڪيو ويندو,

هن چيو ته هن اداري قائم ٿيڻ سان شڪارپور جي سونهن ۽ ترقي ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيندو، ڊي سي شڪارپور ابرار جعفر چيو ته منهنجي لاء اعزاز آھي جو مان شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ وارن ۾ شامل ٿي ويس, هن چيو ته هن اداري کي قائم ڪرڻ ۾ هتان جي روينيو کاتي جو به وڏو ڪردار آھي, اسان هن اداري جي قيام لاء يونيورسٽي انتظاميا سان هرقسم جو تعاون ڪنداسين, ان موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عبدالغني انصاري, رجسٽرار مير محمد مهر, شيخ اياز جي ڌيء ڊاڪٽر وينگس ,  اڪائونٽ برانچ جو ثاقب وهاب مهر سميت وڏي انگ ۾ پروفيسر ۽ ٻيو عملو موجود هو.