وارھ (ن پ ا) پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ۽ شھري مسئلن تي مسلسل جدوجهد ڪندڙ محمد مراد چانڊيو جي ساٿين ۽ دوستن پاران لطيف ڪالوني ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي  وئي، جنهن ۾ شاهمراد  چانڊيو، حريف چانڊيو، اصغر ميراسي، ذوالفقار صاحباڻي، عرفان منان، مولوي محمد صديق مڱڻيجو، نجيب چانڊيو، ذوالفقارچانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن دوران محمد مراد چانڊيو يادگار ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ اصغر ميراسي کي سيڪريٽري جنرل ۽ ذوالفقار صاحباڻي کي خزانچي چونڊيو ويو.اڳواڻن چيو ته محمد مراد سموري زندگي عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي، کيس ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي، هنن چيو ته محمد مراد يادگار ڪاميٽي پاران 4 سيپٽمبر تي چاليهي جو پروگرام وارھ ٽيڪسي اسٽينڊ تي ڀرپور نموني ملهايو ويندو.