مٺي ( رپورٽر) هاڪڙو ادبي فورم پاران ننگرپارڪر ۾ 20 ۽ 21 آگسٽ تي اعلانيل ڪارونجهر سانوڻ ميلو محرم الحرام مهيني ۾ ھجڻ ڪري اهل تشيع سان لاڳاپيل عزادارن جي اعتراضن سبب ملتوي ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ شيعا اڳواڻن صابر فقير، شمس  الزمان شاھ، مراد بجير، تي مشتمل وفد هاڪڙو ادبي فورم جي دوستن وٽ لنگهي اچي ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد فورم ميلو ملتوي ڪري ڇڏيو، ميلو هاڻ سيپٽمبر مهيني جي 3 ۽ 4 تاريخ تي ننگر پارڪر ۾ ساڳي ئي جوش جذبي سان لڳايو ويندو،