ڪولمبو(انٽريسٽنگ نيوز) سري لنڪا جي هڪ ميوزيم ۾ برطانيا يج راڻي جي تازو لاڏاڻو ڪري ويل مڙس شهزادي فلپ جي 86 سال پراڻي ڪار به پيل آهي جيڪا سندس لاڏاڻي بعد هڪ ڀيرو وري ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي وئي آهي. اها ڪار ميوزيم ۾ رکيل آهي جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي آهي، سوين ماڻهو روز ان ڪار کي ڏسڻ اچي رهيا آهن اها ڪار فلپ جي استعمال ۾ رهي جيڪا سنجيو گارڊينر جي والد 1950ع ۾ شهزادي کان خريد ڪئي هئي. سنجيو پنهنجي فيس بڪ پيج تي لکيو ته منهنجي والد هي ڪار شهزادي فلپ کان 81 سال اڳ خريد ڪئي هئي هاڻ اها ڪار مهنجي هوٽل جي عجائب گهر ۾ محفوظ آهي.