لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) سائنسي تجربن لاءِ ماهر دنيا جو سڀ کان وڏو بحري جهاز تيار ڪري رهيا آهن جيڪو تيار ٿيڻ بعد سمنڊ تي هلندڙ گهمندڙ ساحلي شهر هوندو. جهاز ٽن فٽبال گرائونڊن جيترو وڏو هوندو. اهو جهاز 2025ع ۾ تيار ڪري لانچ ڪيو ويندو جنهن ۾ 22 جديد ترين ليبارٽريون هونديون ۽ ان ۾ 400 ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي گنجائش هوندي. اهو جهاز ايٽمي توانائي تي هلندو پر ان مان تابڪاري خارج ٿيڻ جو خطرو نه هوندو. ان جهاز جو نالو ارٿ 300 رکيو ويو آهي جنهن جو مقصد زمين تي وڏن وڏن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سائنس ۽ ريسرچ جي ڪوششن کي ڪٺو ڪرڻ آهي. اهو جهاز 160 سائنسي ضرورتون پوريون ڪندو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته جهاز گرين ٽيڪنالاجي سان سينگاريل هوندو جيڪا سائنسي تحقيق لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ ان ۾ پگهاريل لوڻ ري ايڪٽر وسيلي توانائي حاصل ڪئي ويندي جيڪا ايٽمي بجلي پيدا ڪرڻ جو هڪ قسم آهي.