شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ۾ نوجوان ناري مبينا طور ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام. ان ڏس ۾ هائوسنگ سوسائٽي پاڙي ۾ گهر اندر پاڻي واري موٽر مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ورهين جي مسمات شيرين پٺاڻ فوت ٿي وئي. ناري کي وارث بيهوشي واري حالت ۾ فوري طور تي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن فوتگي جي تصديق ڪئي. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.