شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل، وين ڊرائيور گرفتار. ان ڏس ۾ هالا روڊ تي ڳوٺ الھڏنو خاصخيلي وٽ تيز رفتار وين سامهون کان ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي. خوفناڪ ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ بخشو نظاماڻي واسي 35 ورهين جو اسلم رند موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ تماچي رند مرڻينگ ٿي پيو، وين ڊرائيور لاش ۽ زخمي کي سِمس اسپتال آندو جتي زخمي کي طبي امداد بعد نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس اسپتال پهچي وين کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور حسين بخش ڪوري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پوليس تباهه ٿيل موٽر سائيڪل قبضي ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري واقعي جي رپورٽ درج ڪري ورتي. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي. ٻئي طرف حادثي ۾ فوتي ۽ زخمي جا منهن چچرجي ويا ۽ زخمي جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.