اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به وفاقي وزيرن، حڪومتي ميمبرن جو اپوزيشن ليڊر جي بجيٽ تقرير دوران گوڙ، نعريبازي، ايوان ميدان جنگ بڻجي ويو، هڪٻئي تي ڪتابن سان حملا، هڪ سارجنٽ ۽ پارلياماني سيڪريٽري ملڪه بخاري ڪتاب اک ۾ لڳڻ سبب زخمي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بجيٽ تي بحث لاءِ جيئن ئي تقرير شروع ڪئي ته وفاقي وزيرن، حڪومتي ميمبرن سيٽن تي بيهي گوڙ شروع ڪري ڇڏيو ۽ حڪومتي ميمبر ايوان ۾ سيٽيون وڄائڻ شروع ٿي ويا، ان دوران پرڏيهي مامرن جو وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، سڌ سماءَ جو وفاقي وزير فواد چوڌري، وفاقي وزير مراد سعيد، وفاقي وزير شفقت محمود، زرتاج گل، علي محمد خان، عمر ايوب، علي زيدي، علي امين گنڊاپور، شهريار خان بينچن تي بيهي بجيٽ بڪن سان ڊيسڪون وڄائيندا رهيا، جڏهن ته سڌ سماءَ جو وفاقي وزير فواد چوڌري به نعريبازي ۾ شامل ٿيندو رهيو، اهڙي صورتحال کي ڏسندي ئي مسلم ليگ (نواز) جا ميمبر شهباز شريف جي چوڌراري گهيرو ٺاهي بيهي رهيا، وزيراعظم جي خصوصي معاون علي نواز اعواڻ جي اپوزيشن ميمبرن سان تلخ ڪلامي ۽ جهڙپون ٿيون، علي نواز اعواڻ نواز ليگ جي ميمبر شيخ روحيل اصغر کي بجيٽ بڪ وهائي ڪڍيو، جيڪو بڪ ڪيچ ڪري ورائي نواز ليگ جي ميمبر حڪومتي ميمبرن کي هنيو، ايوان ۾ گوڙ، هنگامي ۽ گهيري سبب اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي 20 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، ٻيهر اجلاس شروع ٿيو ۽ شهباز شريف وري تقرير شروع ڪئي ته وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن ٻيهر گوڙ شروع ڪري ڏنو، تلخ ڪلامي کان پوءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن جي وچ ۾ سيڪيورٽي عملو قطار ٺاهي بيهي رهيو، حڪومتي ميمبرن بجيٽ پيپر ڦاڙي شهباز شريف مٿان اڇلايا ته نواز ليگ ۽ حڪومتي ميمبرن وچ ۾ سخت تلخ ڪلامي ٿي، نواز ليگ جي ميمبر علي گوهر ڪتن ٻلن جي سرڪار نه هلندي نه هلندي، عمران خان چور آ جا نعرا هڻايا، حڪومتي ميمبرن ۽ نواز ليگ ميمبرن هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ۽ سيڪيورٽي عملي کي به ڌڪا ڏئي جهيڙي لاءِ تيار ٿي ويا، نواز ليگ جو خالد جاويد اسپيڪر جي ڊائيس جي سامهون پهچي ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن ۽ حڪومتي ميمبرن هڪٻئي مٿان ڪتابن سان حملا ڪيا، ائين قومي اسيمبلي جو ايوان ميدان جنگ بڻجي ويو، اسپيڪر ٻيهر 10 منٽن لاءِ ڪارروائي معطل ڪري ڪرسي تان اٿي هليو ويو پر ڇڪتاڻ جاري رهي، هڪٻئي مٿان ڪتابن جو وسڪارو ڪندا رهيا، حڪومتي ميمبرن بينچن تي لڳل مائيڪون پٽي مخالف ڌر جي ميمبرن کي به هنيون، مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر پاران هڪ ٻئي کي ڪتاب هڻڻ سبب هڪ سارجنٽ کي اک ۾ ڪتاب لڳو جنهن کي عملو سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي هدايت تي قومي اسيمبلي جي ڊسپينسري ڏي وٺي ويو، پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري کي به اک ۾ ڪتاب لڳو جيڪا به پارليامينٽ هائوس جي اسپتال پهتي، صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جنهن کان پوءِ اسيمبلي هال جي بجلي بند ڪرائي وئي، ائين پوڻين 7 وڳي ڌاري معطل ٿيل اسيمبلي جي ڪارروائي 8 لڳي 8 منٽن تي معطل رهي، جنهن کان پوءِ اسپيڪر ايوان ۾ اچي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن پهريان به حڪومتي ميمبرن شهباز شريف جي بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪرڻ وقت سخت گوڙ ۽ هنگامو ڪيو هو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف حڪومتي ميمبرن جي سخت گوڙ ۽ هنگامي جي صورتحال ۾ بجيٽ تي تقرير ڪندي چيو آهي ته جيڪا بجيٽ عوام کي رليف نه ڏئي سگهي اها دوکو آهي. اسپيڪر تي پارليامينٽ جي توهين جو الزام هڻندي شهباز شريف چيو ته حڪومت ڏينهن رات ڪوڙ ٿي ڳالهائي. هن چيو ته مسلم ليگ (نواز) 2018ع ۾ 5.8 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ ڇڏي، هن حڪومت جي دور ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا، عام ماڻهو هن وقت ماني لاءِ پريشان آهي، سرڪاري ملازمن جو به وڏو تعداد غربت جي لڪير کان هيٺ وڃي چڪو آهي، هن چيو ته 300 ارب ڊالر پرڏيهه کان ملڪ واپس آڻڻ ۽ ٽن مهينن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪيڏانهن وئي، اڄ ڪا به مقرري ۽ بدلي ڪرپشن کان سواءِ نه ٿي ٿئي، ڪورونا جي صورتحال دوران 12 سئو ارب رپين جا فنڊ به ڪرپشن جي نظر ٿي ويا، شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ عمران خان مسلط نه هجي ها ته ڪورونا سبب هي حالتون نه هجن ها، ٽن سالن ۾ رپئي جي قدر ۾ 33 سيڪرو گهٽتائي ٿي پاڪستانين جي في ڪيس آمدني 13 سيڪڙو گهٽي آهي، هن حڪومت 13 هزار ارب رپيا قرضن ۾ اضافو ڪيو، کنڊ، اٽي ۽ ڪپهه جي اسڪينڊلن ۾ اربين رپيا قوم جا کاڌا ويا، 3 سالن ۾ مالياتي خسارو 10 هزار ارب کان وڌي ويو، ٽن سالن ۾ 12 سئو ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳايا ويا، هوڏانهن اسپيڪر قومي اسيمبلي ايوان ۾ ٿيل واقعي بابت جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو افسوسناڪ آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبر گٿا لفظ استعمال ڪيا، بدزبان ميمبرن کي سڀاڻي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي.