ڪراچي: سنڌ جي مالي سال 2021-22ع جي 14 کرب 77 ارب 90 ڪروڙ جي بجيٽ پيش، ٽيڪس فري هجڻ جي دعويٰ، بجيٽ خسارو 25 ارب ڄاڻايو ويو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجُرت 25 هزار رُپيا مقرر، صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 سو 22 ارب رپيا جڏهن ته ضلعي ترقياتي پروگرام لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪورونا صورتحال وفاق پاران وسيلا نه ملڻ ۽ ٽيڪسن جي وصولين ۾ گهٽتائي باوجود سنڌ جي عوام کي هڪ بهترين بجيٽ ڏئي رهيا آهيون. بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته 1477 ارب رُپين جي بجيٽ ۾ خساري جو ڪاٿو 25 ارب رُپيا لڳايو ويو آهي، نئين مالي سال ۾ ِ صوبائي اوڳاڙين جو هدف 329 ارب مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 329 ارب رُپيا هوندو، سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 222 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن جڏهن ته ضلعِي ترقياتي پروگرام ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته پگهار ۽ ماهوار اجرت جي 25 هزار رُپين جَي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ملازمن لاءِ ذاتي الائونس متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن موجب گريڊ هڪ لاءِ 19 سو رپيا ماهوار، گريڊ 2 لاءِ 1500 رپيا، گريڊ 3 لاءِ 900 رپيا ۽ گريڊ 4 لاءِ 250 رپيا، گريڊ 5 لاءِ پڻ 250 رپيا الائونس مقرر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته غريب طبقي جي سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام پيڪيج لاءِ 30 ارب رُپيا رکيا ويا آهن، زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3 ارب، آءِ ٽي شعبي جي بحالي لاءِ 1.70 ارب ۽ ايس ايم ايز ذريعي صنعتي ترقي لاءِ 3 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، امن امان لاءِ 7.12 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. مالي سال 2021-22ع واري بجيٽ ۾ برسات متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ 4 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته تعليم لاءِ 14 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 277 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسڪولز جي فرنيچر جي خريداري لاءِ 6 ارب، اسڪولز جي مرمت ۽ توسيع لاءِ 5 ارب، ڪاليجز جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 425 ملين رکيا ويا آهن، وڏي وزير ٻڌايو ته سالياني ترقياتي بجيٽ ۾ تعليم کاتي لاءِ 26 ارب رُپين جون اسڪيمز کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران هن چيو ته صحت جي سهولتن لاءِ بجيٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ 24.73 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن وڏي وزير چيو ته پي پي ايڇ آءِ جي بجيٽ 26 سيڪڙو وڌائي 8.2 ارب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صحت کاتي جي سالياني ترقياتي بجيٽ 18.50 ارب رُپيا رکي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ ۾ انڊس اسپتال کي اڍائي ارب رُپيا سالياني گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انڊس اسپتال جي واڌ ويجهه لاءِ 2 ارب رُپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته ايس آءِ يو ٽي کي ملندڙ گرانٽ 27 سيڪڙو وڌائي 7.12 ارب رُپيا ڪئي وئي آهي. وڏي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي ِ بجيٽ 20 سيڪڙو وڌائي 13 ارب رُپيا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ هيڪ لاءِ 416 ملين رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن جڏهن ته آءِ بي اي ڪراچي لاءِ 160 ملين رُپيا گرانٽ پڻ رکي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته زيبسٽ ڪراچي لاءِ 6.8 ملين ۽ ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي لاءِ 200 ملين رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيڪل تعليم جي بجيٽ وڌائي 2.84 ارب رُپيا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نئين ايس اين اِي ۾ 691 نيون آساميون ٺاهڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي، سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ميڊيڪل تعليم لاءِ 1.15 ارب رُپيا رکيا ويا آهن، ڪاليج ايجوڪيشن جي بجيٽ 11 سيڪڙو اضافي سان 22.8 ارب رُپيا ڪئي وئي آهي جڏهن ته بختاور ميڊيڪل ڪاليج شهيد بينظير آباد لاءِ 100 ملين مختص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته صوبي ۾ 5 نوان پبلڪ ڪاليجز ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران چيو ته شاگردن جي مالي مدد لاءِ انڊوومينٽ فنڊز ۾ هڪ ارب رُپيا رکيا ويا آهن وڏي وزير چيوته حيدرآباد، ڄامشورو، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ڪورنگي، ملير ۽ ڪراچي اولهه ۾ 17 نوان ڊگري ڪاليجز تعمير ڪيا ويندا، وڏي وزير چيو ته اسڪول ايجوڪيشن ۽ خواندگي لاءِ 222 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز رکڻ سان گڏ فرنيچر ۽ فڪسچر جي خريداري لاءِ 6.6 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مفت نصابي ڪتابن لاءِ 1.2 ارب، نين تعليمي سرگرمين لاءِ 2.3 ارب ۽ اسڪولي عمارتن جي مرمت لاءِ 5 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي جي بجيٽ وڌائي 10.48 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪائونسلن جي فنڊز لاءِ 82 ارب رُپيا ۽ ترقياتي بجيٽ لاءِ 25 ارب رُپيا مخصوص ڪيا پيا وڃن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ لاءِ 7.52 ارب، سماجي ڀلائي کاتي لاءِ 18.61 ارب، بحالي کاتي لاءِ 1.84 ارب ۽ عورتن جي ڀلائي واري کاتي لاءِ بجيٽ 60 سيڪڙو اضافي بعد 571 ملين رُپيا ڪئي وئي جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي بجيٽ 15 سيڪڙو اضافي بعد 7.64 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي آهي، وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ 250 ڊيزل هائبرڊ اليڪٽرڪ بسز جي خريداري به شامل آهي، سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٽرانسپورٽ کاتي لاءِ 82 ارب رُپيا رکيا آهن جڏهن ته ورڪس کاتي لاءِ 16 ارب رُپيا بجيٽ رکي وئي آهي. وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران چيو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 24.7 ارب رُپيا رکيا ويا آهن، صحت کاتي ۾ مختلف سطح تي نوڪرين لاءِ 964 جايون ٺاهيون وينديون، وڏي وزير چيو ته دوائن جي خريداري لاءِ 18 ارب، پي سي آر ۽ پي پي اي ڪٽس جي خريداري لاءِ 2 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ميڊيڪل گئس آڪسيجن جي خريداري لاءِ 646 ملين رُپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته گمبٽ جي انسٽيٽيوٽ آف عبدالقادر جيلاني لاءِ 4 ارب، شهيد بينظير ڀٽو ٽراما سينيٽر ڪراچي لاءِ 2 ارب، جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز لاءِ 300 ملين، اين آءِ بي ڊي لاءِ 500 ملين، چائلڊ لائيف فائونڊيشن لاءِ 1.2 ارب ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪراچي لاءِ 365 ملين رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قائم 10 ٿيليسميا سينيٽرز لاءِ 300 ملين ۽ 10 ڊائلاسز سينٽرز لاءِ 170 ملين رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته سنڌ انفيڪشن ڊزيز اسپتال ڪراچي ۾ بايو سيفٽي ليب ٿري قائم ڪئي ويندي، راندين وارَي کاتي جون 2 ارب 55 ڪروڙ 90 لک رُپين جون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته ايس بي اي گاجي گرائونڊ تي فلڊ لائيٽس لڳائڻ ۽ الائيڊ ورڪس لاءِ 3 ڪروڙ 40 لک ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ خالد آباد اسپورٽس گرائونڊ جِي مرمت لاءِ 2 ڪروڙ 70 لک رُپيا رکڻ جِي سفارش ڪئي وئي آهي، وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران شڪارپور ۾ اسپورٽس هال جَي قيام ۽ ڄامشورو ۾ ڪرڪيٽ نَيٽ پريڪٽس ايريا ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته سانگهڙ ۾ جِيم خانه ڪلب جِي مرمت لاءِ 3 ڪروڙ، گهوٽڪي ضلعي جي شهر جروار ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ جِي اڏاوت لاءِ 2 ڪروڙ، حيدرآباد جَي علائقي قاسم آباد ۾ اسپورٽس گرائونڊ جِي بهتري لاءِ اڍائي ڪروڙ، ڪراچي ۾ نيپا گرائونڊ تي پليئرز هاسٽل جِي اڏاوت لاءِ ساڍا 4 ڪروڙ، هاڪِي اسٽيڊيم ۾ ڊجيٽل اسڪور بورڊ ۽ نئون بِليو سِينَٿَيٽِڪ هاڪِي ٽَرف لڳائڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا مخصوص ڪرڻ جِي سفارش ڪئي وئي آهي، منگهوپير ۾ فوٽ بال اسٽيڊيم جِي اڏاوت لاءِ 2 ڪروڙ، ميرپورخاص جَي گاما اسپورٽس ڪامپليڪس جِي بحالي لاءِ 2 ڪروڙ رُپيا رکيا ويا آهن.

ڪراچي: سنڌ بجيٽ 2021-22 ۾ 3324 نيون پوسٽون به تخليق ڪيون ويون آهن، چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ 9، ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ 38، اينٽي ڪرپشن ۾ 10، فنانس ۾ 8، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۾ 42، بورڊ آف روينيو ٽيڪس مينيجمينٽ ۾ 3، گھروکاتي ۾ 13، قانون ۽ پارلياماني مامرا ۾ 78، خوراڪ کاتي ۾ هڪ، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز ۾ 23، بورڊ آف روينيو لينڊ مينيجمينٽ ۾ 10، انرجي کاتي ۾ 25 پوسٽون تخليق ڪيون ويون. اهڙي ريت ليبر کاتي ۾ هڪ، ورڪس اينڊ سروس ۾ 14، ايجوڪيشن ورڪس ۾ 12، ويٽ اينڊ ميسرز ۾ هڪ، ماحوليات کاتي ۾ 151، صحت کاتي ۾ 1061، اطلاعات کاتي ۾ 3، منارٽيز افيئرس ۾ هڪ، ثقافت، سياحت ۽ نودارات واري کاتي ۾ 204، ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن ۾ 8، پرائمري ايجوڪيشن ۾ 46، ايليمينٽري ايجوڪيشن ۾ 118، سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ 350، هائير سيڪنڊري ۾ 189، ڪاليجز ۾ 134، ميڊيڪل ايجوڪيشن ۾ 691، يونيورسٽيز کاتي ۾ هڪ، معذورن جي بحالي واري کاتي ۾ 37، پاپوليشن کاتي ۾ هڪ، وومين ڊولپمينٽ ۾ 26، بحالي واري کاتي ۾ هڪ، انساني حقن واري کاتي ۾ 7، چيف منسٽرز انسپيڪشن انڪوائريز ۾ هڪ، گورنر سيڪريٽريٽ هائوس (چارجڊ) ۾ 2 ۽ لا اينڊ پارليامينٽر افيئرز (چارجڊ) ۾ 4 پوسٽون تخليق ڪيون ويون آهن. چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ تخليق ڪيل 9 پوسٽن مان 11 گريڊ جون 2، 16هين گريڊ جون 4 ۽ 19هين گريڊ جي هڪ پوسٽ شامل آهن، انهن 9 پوسٽن تي حڪومت رڳو پگھارن جي مد ۾ 24 لک 58 هزار رپيا ماهوار خرچ ڪندي. ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ تخليق ڪيل 38 پوسٽن ۾20 هين گريڊ جون 2، 19هين گريڊ جون 3، 18هين گريڊ جي هڪ، 17هين گريڊ جون 5، 16هين گريڊ جون 3 پوسٽون شامل آهن. کاتو انهي 38 پوسٽن تي رڳو پگھارن جي مد ۾ ماهوار 92 لک 76 هزار خرچ ڪندو.

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪنوينس ۽ مختلف اوزارن جي نقل و حرڪت تي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح کي 2 کان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آھي، جڏھن ته مسواڙ تي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح کي 1.5 کان گهٽائي هڪ سيڪڙو تائين ڪيو ويو آهي، وڏي وزير چيو ته غير متحرڪ ملڪيتن جي وڪري/ ڪنونس وغيرہ تي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح کي 2 کان گھٽائي هڪ سيڪڙو ڪيو پيو وڃي، پاور آف آٽارني جي شرح کي 3 سيڪڙو کان (خريداري جي رقم) گھٽائي فلوٽنگ ريٽ کي ھڪ سيڪڙو ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته مالي سال 22-2021 لاءِ ڀرتي ڪندڙ آزاد ۽ خودمختيار ادارن /ايجنٽ جي موجودھ شرح 8 کان گھٽائي 5 سيڪڙو ڪئي وئي آھي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران ٽيڪسن جي اوڳاڙي واري نظام کي آٽوميشن (ڪمپيوٽرائزڊ) ڪيو ويو آهي، هاڻ ٽيڪس ڏيندڙ پنهنجو ٽيڪس اسٽيٽ بينڪ جي نظام تحت ڪنھن به ٿرڊ پارٽي يا ٻئي اداري ذريعي آن لائين جمع ڪرائي سگھندا، ان نظام تحت ٽيڪس گڏ ڪرڻ وارن ادارن کي سڌي ريت اسٽيٽ بينڪ سان سلھاڙيو ويو آھي. هن چيو ته آٽوميشن نظام سان پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ اضافو ٿي ويندو. جڏھن ته گاڏين جي تصديق ۽ گاڏين جي جعلي رجسٽريشن جي خاتمي لاءِ اسمارٽ ڪارڊ پڻ متعارف ڪرايو ويو آھي. موٽروھيڪل ٽيڪس جي ادائگي اڳواٽ ئي آن لائين ٿي چڪي آھي. وڏي وزير چيو ته اسان جو منصوبو آھي ته ايندڙ مال سال ۾ اسٽيمپ ڊيوٽي کي پڻ آٽوميشن ڪريون. هوڏانهن زرعي آمدني ٽيڪس جو هدف 63 ڪروڙ 80 لک مان وڌائي هڪ ارب 97 ڪروڙ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پراپرٽي ٽيڪس جو هدف هڪ ارب 55 ڪروڙ مان وڌائي 4 ارب تي پهچايو ويو آهي، صوبائي جي ايس ٽي (جي ايس ٽي آن سروسز) جو هدف سوا کرب کان وڌائي ڏيڍ کرب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پراونشنل ايڪسائيز ڊيوٽي 5 ارب مان وڌائي 11 ارب ڪئي وئي آهي، پروفيشنل ٽيڪس 797 مان وڌائي 1671 ملين ڪيو ويو آهي، ساڳئي وقت اسٽيمپ ڊيوٽي جو هدف 12 مان وڌائي 25 ارب، موٽر وهيڪل ٽيڪس جو هدف 10 مان 12 ارب، انٽرٽينمينٽ ٽيڪس 39 مان 335 ملين، اليڪٽرڪ سٽي ٽيڪس هڪ ارب 6 ڪروڙ مان 3 ارب 93 ڪروڙ، سنڌ انفرا اسٽريڪچر ٽيڪس 70 مان 90 ارب، ڪاٽن في 184 مان 622 ملين ۽ ڊولپمينٽ سيس 6 مان وڌائي 18 لک ڪيو ويو.