لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ فرنچائز ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر احسان الله چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ جو يقين هو. احسان الله چيو ته مونکي شروع کان يقين هو ته مان پاڪستان طرفان ضرور کيڏندس، شگر ادا ڪريان ٿو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ پرفارمنس سٺي ٿي ۽ مونکي پاڪستان ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، افغانستان خلاف مونکي موقعو مليو ته ان سيريز ۾ به پرفارم ڪندس. پي ايس ايل 8 ۾ وڌيڪ وڪيٽن وٺندڙ بالر جي فهرست ۾ ملتان سلطانز جي بالرن وچ ۾ مقابلو آهي، عباس آفريدي 23 وڪيٽون سان پهرين جڏهن ته احسان الله 21 وڪيٽون سان ٻئي نمبر تي آهي. احسان الله چيو ته عباس آفريدي منهنجو ڀاءُ آهي ڪير به سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺي ته مونکي خوشي ٿيندي، اسان جو هدف اهو آهي ته اسان کي چئمپين بڻجڻو آهي، مونکي فائنل ۾ 5 وڪيٽون وٺڻيون آهن منهنجي ڪوشش آهي ته مان مين آف دي فائنل بڻجان ۽ عباس آفريدي به اهو ئي چاهي ٿو.