نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ليجنڊ بيٽر سچن ٽنڊوالڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي بچائڻ لاءِ تجويز پيش ڪئي آهي. هڪ انٽرويو ۾ سچن ٽنڊوالڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ مخصوص 5 ڏينهن ۽ پچز تي ٿيندڙ تنقيد کي رند ڪندي چيو ته ان بحث کي ڇڏي اسان کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي پرڪشش ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو. اڳوڻي ڪپتان پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته بالرن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، هڪ بالر کي هر بال  تي بيٽر طرفان چئلينج کي منهن ڏيڻو هوندو آهي ته پوءِ بيٽر کي به هر قسم جي بال کي منهن ڏيڻ گهرجي. هن جو اشارو شايد بائونسرز جي پابندي ختم ڪرڻ طرف هو.