ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگردياڻي اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي کي ٻن ڏينهن اندر  نفسياتي ڊاڪٽر جي سوشل ميڊيا تان رپورٽ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست گذر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نفسياتي ماهر ڊاڪٽر فاطمه رياض شاگردياڻي جي رپورٽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي آهي، واضح رهي ته صحت کاتي ڊاڪٽر فاطمه رياض کي شاگردياڻي جي معائني لاءِ نامزد ڪيو هو، هوڏانهن سيشن  ڪورٽ  فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ظهير جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، واضح رهي ته جوابدار ظهير پاران هراسان ڪرڻ تي شاگردياڻي جي والد پاران ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. ٻئي طرف صحت واري سيڪريٽري عورتن جي  ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا تي قتل جي ڌمڪين جا الزام هڻندڙ نفسياتي ماهر  ڊاڪٽر فاطمه رياض کي معطل ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف  ڊاڪٽرياڻي فاطمه رياض پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو  ته مون کي شهلا رضا خلاف حقيقت بيان ڪرڻ تان معطل ڪيو ويو آهي، آئون معطلي خلاف  ڪورٽ ۾ وينديس.