ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت بن قاسم ۾ عورت ۽ سندس پٽ کي اغوا ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ 2 جوابدارن پرويز ۽ خادم کي ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جوابدارن مٿان 10 لک رپيا ڏنڊ وجهڻ سان گڏ سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته عدالت ٻن جوابدارن الله بخش ۽ اصغر کي بري ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن 2021ع ۾  نصيبان خاتون ۽ سندس پٽ شفيق کي بن قاسم کان اغوا ڪيو هو، جوابدارن يرغمالي شفيق کي قتل ڪري سندس لاش  جهنگ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو.