ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان نڪري پنجاب ۾ پسند جي شادي ڪندڙ شاگردياڻي جي مڙس ظهير احمد پاران داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت 18 آگسٽ تي دليل طلب ڪري ورتا، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شاگردياڻي جي بازيابي واري ڪيس ۾ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو هو ته چائلڊ ريسٽرين ميرج ايڪٽ جو ڪيس نٿو بڻجي، جاچ آفيسر طرفان ڏنل اڳڀرائي رپورٽ ۾ چائلڊ ريسٽرين ميرج ايڪٽ جو قلم لڳايو ويو آهي. جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو ته عدالتي حڪمن جي ڪهڙي خلاف ورزي ٿي آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته مون کي تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت 18 آگسٽ تي دليل طلب ڪري ورتا آهن. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل ۽ جاچ آفيسر سعيد رند کي ڌر بڻايو ويو آهي.