لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي حيدري پوليس روزينا ڪيس ۾ نامزد نظام الدين گوپانگ کي پوليس گرفتار  ڪري ورتو آھي. پوليس موجب روزينا گوپانگ جو ڦاهو کاڌل لاش سندس اڳوڻي مڙس مير محمد گوپانگ جي گهر مان مليو، مقتولا جي امڙ سڪينا گوپانگ جي مدعيت ۾ پنج جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدار نظام الدين گوپانگ کي ڳجهي اطلاع تي سکر مان گرفتار ڪيو آهي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪبو.ٻئي طرف روزينا گوپانگ جي ماءُ سڪينا گوپانگ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي ايس پي اسد ڀٽي جو سلوڪ اسان سان بهتر نه آھي، جيڪو پنهنجي آفيس مان اسانکي دڙڪاڏئي موٽائي ڇڏي ٿو. هن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي اپيل آھي ته روزينا جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.هوڏانهن پوليس سرجن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته روزينا جا جزا روهڙي ليباريٽري ڏانهن موڪليا هئا، جنهن جي رپورٽ نه آئي آھي جيئن رپورٽ آئي ته ان  آڌار تي حتمي پوسٽ مارٽم جي رپوٽ جاري ڪئي ويندي.