لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي جي ٻڌڻي وڪيل عبدالرزاق جمالي جي لاڏاڻي سبب وڪيلن پاران سوڳ ملهائڻ ۽ بورڊ ڊسچارج ٿيڻ سبب نه ٿي سگهي.ام رباب چانڊيو جو چوڻ ھو ته وڪيلن جي سوڳ سبب ڪيس نه هلي سگهيو.اميد هئي ته ڪيس هلندو، ڇو ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت سڳوري سردار ڀائرن کي لکت ۾ آرڊر ڪيو هو ته هو جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي حاضر نه ٿيا ته ڪيس هلائي فيصلو ڏنو ويندو ۽ مونکي اميد هئي ته اڄ حق ۽ سچ جو فيصلو ملندو، پر هتي پهتس ته وڪيلن پاران سوڳ سبب عدالتي ڪاروائي نه هلي. منهنجو عدليا کان اهو سوال آهي ته آخر مونکي انصاف ڪڏهن ملندو؟ مان هڪ نياڻي ٿي ڪري عدالت جا چڪر ڪاٽيان ٿي ۽ مونکي عدليا تي به يقين آهي، ڇو ته مان پاڻ قانون پڙهيو آهي، پر هتي جيڪو اسان سان سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ۽ ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر آءُ جاگيردارن کي واَضح ميسيج ڏيان ٿي ته هو منهنجا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن ۽ اسان کي ٿڪائي نه ٿا سگهن، هن چيو ته  بيگناھ خون رائيگان نه ويندا، اسان هاڻي به عدليا تي يقين رکون ٿا، منهنجو چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کان اهو سوال ضرور آهي ته مونکي انصاف ڪڏهن ملندو، ڇا پاڪستان جي عدليا مونکي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندي ۽ سنڌ جي شعور جو به اهو سوال آهي ته سنڌ جي نياڻي ام رباب کي آخر انصاف ڪڏهن ملندو، 5 سال مسلسل عدالتن جا چڪر ڪاٽيا آهن، پر مان هن وقت به پراميد آهيان ته مونکي انصاف ضرور ملندو، پر هي جيڪا پريٽڪس هلي پئي ان سان منهنجي دل آزاري ٿئي ٿي، ان باوجود مايوس ناهيان ڇو ته مايوسي ڪفر آهي، اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ جيڪي سمجهن ٿا مان ٿڪجي گهر ويهي رهندس، اها انهن جي غلط فهمي آهي، سردارن کي به واضع ميسيج ڏيندس ته توهان جيڪڏهن بيقصور آهيو ته عدالتن ۾ ثابت ڪيو، اسان پنهنجي وڪيل سان گڏ اچون ٿا، پر هو ڪڏهن پاڻ نه ٿا اچن ته ڪڏهن هنن جا وڪيل، سو ان ڪري اها پريڪٽس بند ٿيڻ گهرجي، اسان انصاف گهرون ٿا جيڪو اسان جو حق آهي. هن چيو ته عدالتي سست رفتاري سبب ڏينهون ڏينهن واقعا وڌن ٿا ۽ بي خوف ٿي ڪري سردار ماڻهن کي مارائن ٿا، هنن سردارن کي جڏهن سزا لڳندي ته تڏهن ڪو به سردار يا جاگيردار ظلم ڪرڻ کان پهريان سوچيندو، سردارن کي ڦاسي جي فندي تي وٺي وينداسين.