حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي به اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد جي ڏنل بيان کي نفرت انگيز قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي فيصلي کي عملي جامو پارائي ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ثمر حيدر جتوئي، ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي ۽ ٻين شاهي سيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪڏهن سنڌ جي ڪنهن ماڻهو ويهي اهو چيو آهي ته ڪي پي ڪي سيڪريٽريٽ تي پٺاڻن جو قبضو آهي يا شاهي سيد ٻڌائيندو ته ڪيترا سنڌي ڪي پي ڪي سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪن ٿا. هنن چيو ته سنڌ ۾ هزارين پٺاڻ سرڪاري نوڪري ڪن ٿا جن ڊوميسائل به سنڌ جا ٺهرايا آهن جيڪا حڪمرانن جي نااهلي آهي ڇاڪاڻ ته پٺاڻن سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو جيڪي هاڻي ڪراچي ۾ ويهي ڌرتي ڌڻين خلاف لساني ٻولي پيا ڳالهائين. سنڌ سنڌين جي آهي ان لاءِ شاهي سيد پنهنجو ڏنل بيان فوري طور واپس وٺي. ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ واضح فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني طور رھندڙ سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ لال جروار، عبدلقادر رانٽو ۽ ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن سپريم ڪورٽ کي آگاھ ڪيو ھو ته سنڌ ۾ غيرقانوني رھندڙ افغاني، بھاري، بنگالي، برمي ۽ ٻيا ڌاريا بدامني، لاقانونيت، اغوائن، منشيات ۽ ھٿيارن جي وڪري سميت زمينن تي قبضن جھڙن سنگين ڏوھن ۾ ملوث آھن جنهن بعد سمورن پرڏيھين کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ان فيصلي تي ڪوبه عمل نه ڪيو آهي. هنن چيو ته اي اين پي جي اڳواڻ شاھي سيد جي افغانين ۽ لکين ڌارين جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ۽ غير ملڪين کي ڊوميسائيل ڏيڻ جا مطالبا ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي سنگين توھين آھي. هو شاهي سيد جي پريس ڪانفرنس کي نسلي فساد ڪرائڻ جي گھري سازش سمجهن ٿا. هنن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي فوري عمل ڪرايو وڃي.