گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۽ ڀرپاسي مختلف روڊ حادثن ۾صحافي سميت 17 ڄڻا زخمي، سمورن زخمين کي گمس اسپتال گمبٽ داخل ڪرايو ويو. تفصيل موجب گمبٽ ۽ ڀرپاسي مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ صحافي سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ پاڪ پتن واسي صحافي شاهد مغل، اختر مغل، جهانزيب مغل، عورت عزيزه خاتون، چئن سالن جو عاقب علي، جنيد احمد، شاهزيب، شهزاد علي، اختر علي ۽ ٻيا شامل آهن جن جو گمس اسپتال گمبٽ ۾ علاج هلندڙ آهي. ڊاڪٽرن مطابق زخمين کي علاج ڏنو پيو وڃي، سندن حالت بهتر آهي.