لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر چيو آهي ته اهم ترين بالر ان فٽ ٿي وڃي ته ٽيم لاءِ مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، شاهين شاهه ڪڏهن مڪمل فٽ نه هو، اسان هن مٿان الزام نٿا ڏئي سگهون. هن گذريل ميچز ۾ سٺي پرفارم ڪئي پر هي ورلڊ ڪپ جو فائنل هو، جيڪڏهن ٽنگ ٽٽي به پوي جيڪو ٿيڻو آهي ٿي وڃي، ڀڄندا رهو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکاريو، شاهين سور جي دوا وٺي سگهي پيو. هن چيو ته اها ڳالهه ضرور آهي ته فائنل ۾ چونڊي اوهان نوجوان فاسٽ بالر جي ڪيريئر سان کيڏي رهيا هئا، اهو خطرو کڻڻو آهي يا نه ڪپتان کي پهريان سوچڻ گهربو هو.