لاهور(اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ وومنز ٽيم پاڪستان کي ٽئين ۽ فيصلائتي ٽي 20 ميچ ۾ 34 رنز تان هارائي سيريز 2-1 تان پنهنجي نانءِ ڪري ورتي. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان وومنز ٽيم کي 168 رنز جو هدف ڏنو، جنهن پٺيان قومي ٽيم 18.4 اوورن ۾ 133 رنز تي ڍير ٿي وئي، قومي ٽيم طرفان جويريه خان 50 ۽ ندا ڊار 26 رنز ٺاهي نمايان رهيون. آئرلينڊ طرفان آرلين ڪيلي ۽ لاورا ڊيلاني 3،3 وڪيٽون ورتيون. آئرلينڊ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنز ٺاهيون، گيبي لوئس 71، ايمي هنٽر 40 ۽ آرلا پرنڊر گيسٽ 37 رنز ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستان طرفان غلام فاطمه، ناشره سنڌو ۽ ندا ڊار هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. گيبي لوئس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.