لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان 2023ع ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم کي فيوريٽ سمجهڻ انتهائي فضول قرار ڏئي ڇڏيو. دي ٽيلي گراف ۾ لکيل ڪالم ۾ مائيڪل وان انگلش ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ۽ هن جي ٽيم کي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ فيورٽ قرار ڏنو. اڳوڻي انگلش ڪپتان پنهنجي ڪالم ۾ وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن مان ڀارتي ٽيم کي ڏسي رهيو هجان ها ته مان هنن کي انگلينڊ جي ٽيم کان سکڻ جي تجويز ڏيان ها.