اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ قومي ڪرڪيٽر به موسم جو مزو وٺڻ کان سواءِ نه رهجي سگهيا. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ٿيندڙ نياڻي فاسٽ بولر شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف سان گڏ اسلام آباد جي موسم انجواءِ ڪئي. وڊيو ۾ شاهين آفريدي خوبصورت موسم ۾ شاهد آفريدي کي بولنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ٽنهي ڪرڪيٽرن اسلام آباد جي خوشگوار موسم مان مزو وٺندي سوشل ميڊيا تي تصوير به شيئر ڪئي.