دبئي(اسپورٽس نيوز)  آءِ سي سي رينڪنگ ۾ بابراعظم ٽنهي فارميٽ ۾ ٽاپ 5 ۾ شامل،  آءِ سي سي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ مردن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. ون ڊي رينڪنگ موجب بيٽنگ ۾ پاڪستان جو بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته امام الحق ٻئي نمبر تي آهي، آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر هڪ درجو مٿي ايندي نائين نمبر تي اچي ويو. بالرز جي ون ڊي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو ڪرس ووڪس ٻئي ۽ نيوزيلينڊ جو ميٽ هينري ٽئين نمبر تي آهي، پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي.  ون ڊي آل رائونڊرز جي لسٽ ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پاڪستان جو عماد وسيم نائين نمبر تي آهي. ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو جوروٽ بدستور پهرين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ آسٽريليا جو مارنس لبوشين ٻئي ۽ آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٽئين نمبر تي، پاڪستان جو بابر اعظم چوٿين ۽ نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن پنجين نمبر تي آهي. بولنگ ۾ پيٽ ڪمنز پهرين ۽ شاهين شاهه آفريدي چوٿين نمبر تي موجود آهن. پاڪستان جو بابر اعظم ٽي 20 رينڪنگ ۾ به پهرين نمبر تي برقرار آهي، محمد رضوان به رينڪنگ ۾ ٻئين پوزيشن تي برقرار آهي. جڏهن ته پاڪستاني بولرن ۾ ڪوبه رانديگر ٽاپ ٽين ۾ شامل نه آهي.