لاهور (اسپورٽس نيوز) فاسٽ بولر محمد حسنين بولنگ ايڪشن ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ جلد کان جلد قومي ٽيم ۾ واپسيءَ جو هدف مقرر ڪري ڇڏيو. محمد حسنين چيو ته نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ڪوچز سان گڏ بولنگ تي مڪمل فوڪس ڪيو، مونکي ڪڏهن ايئن محسوس نه ٿيو هو ته مان ٻيهر نه کيڏي سگهندس، مان هميشه مثبت ئي سوچيو هو ته ايڪشن کي ڪليئر ڪري ئي واپس ايندس. محمد حسنين چيو ته ايڪشن سبب اسپيڊ تي فرق نه پوندو ۽ اڃا پريڪٽس ڪري رهيو آهيان، جڏهن ميچز کيڏندس ته سموري صورتحال واضح هوندي، منهنجو هن وقت اولين هدف اهو ئي آهي ته جلد کان جلد پاڪستان ٽيم ۾ ڪم بيڪ ڪريان ۽ پاڪستان لاءِ سٺي پرفارمنس ڪريان.