لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2023ع جي ورلڊ ڪپ تائين شاهد آفريدي کي چيف سليڪٽر بڻائڻ تي غور ڪري رهيو آهي پر شاهد آفريدي ان لاءِ رضامند نه آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي جون وڌيڪ ذميواريون وڌائڻ جو خواهشمند آهي ۽ بورڊ ورلڊ ڪپ 2023ع تائين هن کي چيف سليڪٽر جون ذميواريون ڏيڻ چاهي ٿو، پي سي بي پي ايس ايل کانپوءِ ۽ سيريز کان اڳ ڊگهي مدي لاءِ مقرريون ڪندو. ٻئي طرف ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز کانپوءِ شاهد آفريدي سليڪشن ڪميٽي ڇڏي ڏيندو، ڇو ته شاهد آفريدي پنهنجو سمورو ڌيان پنهنجي فلاحي تنظيم تي ڏيڻ چاهي ٿو.