قمبر( رپورٽر) قمبر ۾ سٽي ڪپ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ  جي ٻي ميچ ۾ سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب قمبر رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جيئڻ ابڙو کي 35 رنز تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 165رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي جنهن جي جواب ۾ رائيزنگ اسٽار  ڪرڪيٽ  ڪلب 18 اوورن ۾ 135 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. سپر اسٽار طرفان شاعر کوکر 65، امتياز 37 رنز ٺاهي نمايان رهيا. بھترين بالنگ ڪندي احسان جانوري 4، وحيد علي 3 وڪيٽون  وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.