گواهاتي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ ميزبان سريلنڪا کي 67 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڀارتي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 373 رنز ٺاهيون. ويرات ڪوهلي 113، روهت شرما 83 ۽ شبمن گل 70 رنز ٺاهي نمايان رهيا. سريلنڪا طرفان ڪوسن رجيٿا 3 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا 374 رنز جي هدف پٺيان مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 306 رنز ٺاهي سگهي. ڪپتان داسن شناڪا 108 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. پاتم نسانڪا 72 رنز جي اننگ کيڏي. ڀارت طرفان عمران ملڪ 3 ۽ محمد سراج 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو.