عمرڪوٽ: نامياري شاعر حاجي ساند پاران حليم باغي جي صحت بابت سخت ڳڻتي جو اظھارڪيو ويو آھي، پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي حاجي ساند چيو ته حليم ايتري ماني ناھي کاڌي جيتريون گوريون کاڌيون آھن، جيترو وس آھي ان تحت علاج ته ھلندڙ آھي پر سڄاڻ ۽ ساڃاھ وند ڌرين توڙي ادارن کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪجي ٿي ته جيئن حليم باغي جو ڪنھن بھتر اسپتال مان علاج ڪرائي سگھجي.